دادو پوليس جي ننڍي عمر جي شادي واري گهر تي ڇاپو

0
239
دادو پوليس جي ننڍي عمر

دادو (ن پ ا)  دادو پوليس قادر سٽي ۾ ننڍي عمر جي شادي جي اطلاع تي عامر علي پنهور جي گهر تي ڇاپو هنيو.ڇاپي دوران گهر ڌڻين ۽ پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري ٿي، پوليس ڪنوار سميرا جي ڀاءُ عامر علي پنهور کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس ننڍي عمر جي ڪنوار 12 سالن جي سميرا ۽ 14 سالن جي گهوٽ تسليم کي تحويل ۾ نه ورتو ۽  ڊرامائي انداز ۾ واپس موٽي وئي.

پوليس چائلڊ ميرج ايڪٽ تحت 2 ڄڻن علي محمد ۽ عامر علي پنهور خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري گرفتار عامر علي پنهور کي سيڪنڊ سول جج دادو ايٽ جوهي جي عدالت ۾ پيش ڪري ٻن  ڏينهن جو رمانڊ وٺي ڇڏيو.سيڪنڊ سول جج اي ايس آءِ کان پڇاڻو ڪيو ته ڪنوار گهوٽ ۽ ٻيا ڪٿي آهن، رڳو ڪنوار جي ڀاءُ کي وٺي اچي پيش ٿا ڪيو.پوليس چيو ته ڪنوار گهوٽ گهرن ۾ لڪي ويا ۽ مولوي به کسڪي ويو.سول جج بي سيڪشن پوليس کي هدايت ڪئي ته 23  آڪٽوبر تي ڪنوار گهوٽ، مولوي ۽ ٻين کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي ۾ ننڍي عمر جي شادي جو انڪشاف، متاثر نينگري جو والد سميت احتجاج