دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) پراوشنل هاءِ ويز کاتي دادو ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا پرائوشنل هاءِ وي پاران جوهي کان واهي پانڌي ۽ حاجي خان ، ڇني ، ٿرڙي جادو شهيد ۽ ٻين روڊن جا ڪٽ بند ڪرڻ جي آڙ ۾ من پسند ٺيڪيدارن کي 98 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ جو الزام هڻندي ٺيڪيدار عزيز ملڪ پاران پرائوشنل هاءِ وي جي ايس اي فتح محمد سنائي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر نور محمد ڦل ، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ۽ ٻين خلاف اينٽي ڪرپشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ اهڙي ڪرپشن خلاف درخواست داخل ڪري ورتي آهي ، اينٽي ڪرپشن جي عدالت اهڙي درخواست تي نوٽيس جاري ڪري ايس اي ، انجنيئر ۽ ٻين کي 16 نومبر تي رڪاڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي ، ٺيڪيدار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته 2020/2021 دوران جوهي ۾ نئين گاج جي ٻوڏ دوران روڊن کي پيل گهارا مقامي ماڻهن ۽ پوليش ڪمپني ڀري بند ڪري روڊ رستا بحال ڪيا هئا، جتي پرائوشنل هاء وي ڪو به ڪم نه ڪرايو ته پوء پرائوشنل هاء وي سال 2020/2021 ۾ ساڳين ٺيڪيدارن کي 98 ، ڪروڙ ڪئين ادا ڪيا آهن ، ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته پرائوشنل هاء وي سال 2022 دوران نئين گاج جي وهي اچڻ کان پوء ساڳين روڊن کي نقصان رسڻ ۽ انهن جي مرمت لاء ايسٽيمنٽ ٺاهي ورڪس اينڊ سروس کاتي سنڌ کي موڪلي هئي جنهن تي ورڪس اينڊ سروس کاتي سنڌ پاران پرائوشنل هاء وي دادو کي وڌيڪ 218 ملين جا فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن.