دادو: ٻن ڳوٺاڻن جي قتل بعد شاهاڻي ۽ جتوئي ڌرين ۾ تڪرار تيز

0
215
اوٻاوڙي مان مبينا

دادو(ن پ ا) دادو ڀرسان ٻن ڳوٺاڻن منٺار ۽ طالب شاهاڻي جي قتل واقعي بعد شاهاڻي ۽ جتوئي ڌرين ۾ تڪرار تيز ٿي ويو، شاهاڻي برادري جي ماڻهن ڪيٽي جتوئي ۾ مرتضي ۽ عاقب خان جتوئي جي ٻن بنگلن تي قبضو ڪري ورتو، اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي جو مير منظور پنهور ۽ ٻين سان رابطا ڪيا ويا آهن، شاهاڻي برادري اڳوڻي ڊي ايس پي محمد عمر، اڳوڻي ڊي ايس پي امان الله شاھاڻي جي نگراني ۾ 5 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، سردار غلام علي شاهاڻي جو چوڻ آهي ته رئيس عاقب ڪيٽي جتوئي ۾ شڪارپور مان ڏوهاري گهرائي ڏوھ پيو ڪرائي ڪجھ ڏينهن ۾ کيس ٻن ڳوٺاڻن جي قتل جو جواب ملندو.