دادو ( رپورٽر ) جوھي ڀرسان ڇنڊڻ موري لڳ گذريل جمع جي رات جو دير سان جوهي پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي ، جوهي  ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور مصطفي پٺاڻ جو چوڻ آهي ته جمع رات گشت دوران هٿيارن سان مسلح ڏوهارين پوليس موبائيل کي ڏسندي سڌي فائرنگ ڪئي ، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ بابر عرف عفي جتوئي ۽ اظهر جمالي زخمي ٿي پيا ، جن کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو ۽ سندن 2 ، ساٿي اونداهي جو فائدو وٺي ڀڄي ويا آهن ، پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيلن خلاف جوهي ٿاڻي پوليس مقابلي ۽ 13 ، ڊي جا الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ورتا آهن ، پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل بابر عرف عفي جتوئي تي دادو جي اي ، بي ، ميهڙ ، جوهي ٿاڻن تي 8 ، اظهر جمالي خلاف 6 ، ڪيس داخل هئڻ جو رڪارڊ سامهون آندو آهي ، ٻئي طرف زخمين ڪيل بابر عرف عفي جتوئي ۽ اظهر جمالي جو چوڻ آهي ته جوهي پوليس کين ٻه ڏينهن الڳ الڳ هنڌن تان گرفتار ڪري جمع جي رات اکين تي پٽيون ٻڌي کين ڄنگهن ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيو آهي ، جوهي پوليس زخمين کي رمانڊ لاء سيڪنڊ سول جج جوهي ايٽ دادو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ، عدالت ٻنهي زخمين کي جيل ڪسٽڊي حوالي ڪيو آهي