دادو ( رپورٽر ) دادو جي وومين پروٽيڪشن سيل جي پوليس گذريل رات دير سان ڦلجي اسٽيشن مان اغوا ڄاڻايل صاحبه، عروج ۽ 8 سالن جي نديم جي بازيابي لاء  نوشهروز فيروز جي ڳوٺ خدابخش شاھ ۾ ڪارروائي ڪئي. اهلڪار زاهد ، محمد فضل ڪلهوڙو جي گهرن ۾ داخل ٿيا ته گهر ڌڻي سجاڳ ٿي پيا، جن جي رڙين تي ڳوٺاڻن فائرنگ ڪئي، اهلڪارن پڻ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ڪجھ اهلڪار پوليس موبائيل سميت ڳوٺ مان نڪري ويا، ڳوٺاڻن ٻن اهلڪار طارق لنڊ ۽ ڪالو ڪلهوڙو کي سرڪاري هٿيارن سميت پڪڙي رومال سان ٻڌي تشدد ڪيو، جنهن کانپوءِ ڳوٺاڻن پڪڙيل اهلڪارن کي ابڙان ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو. انهيء دوران وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج انسپيڪٽر بينظير جمالي جي مداخلت تي پڪڙيل اهلڪارن کي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ سندن فرياد تي 20 کان وڌيڪ ڳوٺاڻن خلاف ڊيوٽي اٽڪاء ، قتل ڪرڻ لاء سڌا فائر ڪرڻ ، ناحق بند رکي تشدد ڪرڻ وارن قلمن هيٺ ايف آء آر داخل ڪئي وئي آهي ، وومين پروٽيڪشن سيل جي انچارج بينظير جمالي جو چوڻ آهي ته ڦلجي اسٽيشن ٿاڻي تي پرويز پٽ محمد بچل عباسي زال صاحبه ، مسمات عروج ۽ 8 سالن جي پٽ نديم جي اغوا جي ايف آء آر داخل ڪرائي، جنهن جي جاچ وومين پروٽيڪشن سيل دادو ڪري هئي، اطلاع مليو ته عورتون ۽ ٻار زاهد ۽  فضل ڪلهوڙو وارن وٽ موجود آهن، اهڙي اطلاع تي پوليس پهتي ته هٿيارن سان مسلح ماڻهن اهلڪارن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪري سندن هٿ ٻڌي تذليل ڪئي آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته وومين پروٽيڪشن سيل جا اهلڪار بنا وردي جي خانگي ڪپڙن ۾ آڌي رات جو ڌاڙيلن جيان گهرن ۾ داخل ٿيا ته خوف حراس ۾ دانهن رڙين تي ڳوٺاڻن فائرنگ ته اهلڪارن به فائرنگ ڪئي ، ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي اڻڌري جاچ ڪرائي ڳوٺاڻن تي داخل ڪيل ايف آء آر خارج ڪئي وڃي.