دادو: مخدوم بلاول ۾ مبينا طور عورت مارجي وئي

0
209

دادو (رپورٽر) دادو جي مخدوم بلاول ۾ مبينا طور عورت مارجي وئي، هٿياربندن جي مبينا فائرنگ۾35 ورهين جي نصيبان زال محمد صالح  مارجي وئي

وارثن موجب قربان ، نثار، اظهار ، گل محمد سهاڳ ۽ ٻين فائرنگ ڪري نصيبان کي قتل ڪيو ، ظلم ڪيو ويو آھي

ٻئي پاسي شهيد مخدوم بلاول ۾ قتل ٿيل مسمات نصيبان جي قتل خلاف وارثن پاران ايس پي چوڪ وٽ لاش رکي ڌرڻو ھنيو ويو

مظاھرين جو چوڻ ھو تھ 5مهينا اڳ قربان سهاڳ جو پٽ گلزار حادثي ۾ فوت ٿيو هو جنهن جي قتل جو الزام اسان تي هنيو ويو

رات دير سان هٿياربندن حملو ڪري نصيبان کي قتل ڪيو آهي، 2 جوابدارن الهرکيو ۽ اظهار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

دوداپور ويجهو ڏاهاڻي –بنگلاڻي تڪرار ڀڙڪي پيو، هڪ ڄڻو قتل

دادو: اميناڻي ڀرسان زمين جي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل، 2 مبينا اغوا