دادو (رپورٽر ) ضلع ڪائونسل دادو ۾ چيف آفيسر ۽ اڪائونٽس آفيسر مقرر نه ٿيڻ سبب ضلع ڪائونسل جي سوين ملازمن جي ماهوار پگهار نه ٿي سگهي آهي، شبير احمد پنهور، ارشاد علي ميمڻ ۽ رفيق احمد شيخ جي اڳواڻي ۾ ضلع ڪائونسل جي ملازمن پاران ماهوار پگهار نه ملڻ خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ضلع ڪائونسل آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جي مک ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو ۽ پگهار نه ملڻ خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا. هنن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ضلع ڪائونسل دادو ۾ او پي ايس تي مقرر چيف آفيسر ۽ اڪائونٽس آفيسر کي هٽائڻ کانپوء چيف آفيسر ۽ اڪائونٽس آفيسر مقرر نه ٿيڻ سبب 2 هزار وڌيڪ ملازمن جي ماهوار پگهار نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب ملازم ۽ پينشر سخت پريشان آهن ، هنن مطالبو ڪيو آهي چيف آفيسر ۽ اڪائونٽس آفيسر مقرر ڪري ملازمن کي ماهوار پگهار ڏني وڃي