دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) شهيد مخدوم بلاول ڀرسان ڳوٺ الهرکيو سهاڳ ۾ ذاتي دشمني تان هٿياربندن محمد صالح سهاڳ جي گهر ۾ داخل ٿي مسمات نصيبان کي بندوق جو فائر ڪري کيس موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو آهي ، گهر ڌڻين مزاحمت ڪري الهرکيو ۽ اظهار سهاڳ کي پڪڙي شهيد مخدوم بلاول ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪرڻ کانپوء قتل ڪيل نصيبان جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو پهچايو آهي ، ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، محمد ابراهيم سهاڳ ، مسمات فاطمه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وارثن مسمات نصيبان جو لاش ايس پي چوڪ وٽ دادو لاڙڪاڻو انڊس هاءِ وي تي رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي 2 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ، مظاهرين مسلسل قتل ڪيس داخل ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء سخت نعري بازي ڪندا رهيا ، قتل ٿيل نصيبان جي ڀاء ابراهيم سهاڳ ۽ ٻين ٻڌايو ته 5 مهينا اڳ قربان سهاڳ جو پٽ گلزار حادثي ۾ فوت ٿيو هو جنهن جي قتل جو الزام اسان تي هنيو ويو ۽ اسان جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ، گل محمد سهاڳ ڌر جي هٿياربندن رات دير سان حملو ڪري نصيبان کي قتل ڪيو آهي ، اسان موقعي تي 2 جوابدارن الهرکيو ۽ اظهار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي ، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڀڄي ويل جوابدارن کي گرفتار ڪيو انصاف ڪيو وڃي ، بعد ۾ ڊي ايس پي دادو جي خاطري تي ڳوٺاڻن ڌرڻو ختم ڪري لاش ڳوٺ کڻائي روانا ٿي ويا.