دادو ( رپورٽر ) دادو شهر جي ڪيترن ئي پاڙن ۽ ڪالونين مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ، بي ايڊ آر  ڪالوني جي ڪئمپس پرائمري اسڪول سميت ڪيترن ئي اسڪولن جي عمارتن ۽ گيٽن آڏو پاڻي بيٺل هئڻ ڪري معصوم شاگردن، شاگردياڻين کي اسڪول وڃڻ ۾ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پيو، بي ايڊ آر ڪالوني اسڪول جي هيڊ ماستر ساجد مستوئي ۽ ارباب علي پلھ جي اڳواڻي استادن ۽ شاگردن اسڪول جي گيٽ وٽ ميونسپل انتظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ داهيو آهي ته اسڪول جي آڏو رستي تي برساتي پاڻي بيٺل آهي جيڪو بدبوء ڪري ويو آهي ، اسان اسڪول کلڻ کان اڳ ميونسپل عملدارن کي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء چيو پر پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري معصوم شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي تڪليف سان اسڪول پهتا آهن، پاڻي نيڪال نه ٿيو ته ميونسپل آفيس اڳيان ڌرڻو هڻنداسين.