دادو ( رپورٽر ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج نديم بدر قاضي جي عدالت خيرپور ناٿن شاھ ٿاڻي جي ڪيس ۾ سوٽ کي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار صاحب علي پٽ اميد علي کوسو کي ڦاسي ۽ 3 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، سال 2016 ۾ ڪي اين شاھ ڀرسان زرعي زمين تي بخت پٽ عبدالله کوسو کي قتل ڪيو ويو هو، مقتول جي ڀاء عثمان جي فرياد تي ڪي اين شاھ ٿاڻي تي 5 جوابدارن ، اميد علي ، راحب کوسو ، صاحب علي کوسو ، عذير ۽ اعجاز خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو ، اميد علي ۽ سندس پٽ راحب کوسو ، عذير ، اعجاز کي ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي اڳ ئي بري ڪيو هو، سزا ٻڌايل جوابدار کي پوليس جي سخت پهري ۾ سينٽرل جيل نيو ويو آهي.