دادو/ ڪڪڙ (نمائندا) دادو۽ ڪڪڙ ۾ ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف مظاهرا ڪيا. دادو ۾ پنهور اتحاد جي سڏ تي نجيب الله ، بخشل خان پنهور ، عزيز پنهور ، غلام سرور کوسو جي اڳواڻي سوين ماڻهن پاران دادو انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڊي سي هائوس جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته ٻوڏ ۾ رڳو پي پي جا ڪارڪن ناهن ٻڏا جو سمورو امداد سامان انهن کي ڏنو پيو وڃي، هوڏانهن جسقم بشير خان جي سڏ تي نياز چنو ، اياز جمالي جي اڳواڻي ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران ڪچهري روڊ تي بک هڙتال ڪئي وئي، اڳواڻن دانهيو ته امدادي سامان ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻ بدران ڊي سي دادو پنهنجن ماڻهن جي معرفت امدادي سامان جون ٽرڪون واپارين کي وڪرو ڪري ڏئي رهيو ۽ ٽرڪن جون ٽرڪون مينهن جي واڙن ۾ لهرايون پيون وڃنهوڏانهن ڪڪڙ ۾ ٻن مھينن کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ سھراب زرداري جي رھواسين ذوالفقار زرداري محمد حسين زرداري نورالدين وحيد علي آفتاب زرداري سميت ٻين ڳوٺاڻن پاران دادو انتظاميا خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو.