جروار (ن پ ا) پنوعاقل ڀرسان دادلوءِ ٿاڻي جي حد قومي شاھراه وٽان جروار جي رهواسي ڳوٺاڻي کي هٿياربند مبينا طور اغوا ڪري ويا، ڪار ڊرائيور زخمي، اغوا ڄاڻايل ڳوٺاڻي جي وارثن جو احتجاج.  تفصيل موجب جروار جي ڳوٺ ميرخان گبول واسي عبدالمجيد گبول گهرڀاتين سان گڏ ڪار ۾ سيوهڻ کان جروار اچي رهيو هو ته دادلوءِ ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه تي نامعلوم هٿياربند فائرنگ ڪري ھڪ ڄڻي عبدالمجيد گبول کي مبينا طور اغوا ڪري کڻي ويا. جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي ڪار ڊرائيور منير بوزدار کي تشدد بعد بيهوشي جي حالت ۾ روڊ تي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. ڪار ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن کان قيمتي سامان به کڻي ويا. هوڏانهن اغوا ٿيل ڳوٺاڻي جي وارثن عاشق علي گبول، جابر گبول، خليل احمد گبول ۽ ٻين احتجاج ڪندي ايس ايس پي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته مغوي عبدالمجيد کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.