دادلغاري (رپورٽ: آدم پتافي) دادلغاري جي ريگستاني علائقي ۾ نوجوان مٿان وڏيري پاران گاڏي چاڙهي ڄنگهه ڀڃڻ وارو مامرو، ٽائيم نيوز مظلوم جو آواز بڻجي ويو! نوجوان مٿان گاڏي چڙهائي ڄنگهه ڀڃڻ جي خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ بعد ايس ايس پي عمر طفيل خبر جو نوٽيس وٺندي کينجهو پوليس کي وڏيري مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، متاثر نوجوان ڄنگهه کان معذور بڻيل شفيع محمد مهر ٽائيم نيوز سان ويچار ونڊيندي لڙڪ هاري ويٺو متاثر زخمي نوجوان وڏيري حاجي خان مهر کي پٽون ۽ پاراتون ڏيندو رهيو هن ٻڌايو ته حاجي خان مهر منهنجي ڀاء جي تذليل ڪرڻ پئي چاهي جنهن جي روڪڻ تي مون مٿان مڇرجي پيو ۽ مونکي پنهنجي گاڏي هيٺيان ڏئي ڇڏيو جنهنڪري منهجي ڄنگهه ڀڄي پئي آهي ۽ معذور ٿي ويو آهيان اسان سان ظلم ٿيو آهي هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته وڏيري خلاف سخت ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته وڏيرو بااثر هجڻ ڪري راڄوڻي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي متاثر ڌر مٿان راڄوڻي لاء دٻاءُ وڌو پيو وڃي. سخيرو مهر الزام هڻندي ٻڌايو ته منهجي ڀاء شفيع محمد مهر مٿان وڏيري حاجي خان مهر گاڏي چڙهائي کيس ڄنگهه ڀڃي ڇڏي هئي ۽ کيس زخمي ٿيڻ سبب هو روڊ تي تڙپندو رهيو ۽ کيس ڪنهن کي پاڻي پيئارڻ به نه ڏنو ويو ۽ زخمي کي علاج لاء کڻائڻ لاء آيل ٽيڪسي گاڏي وارن کي به روڪيو ويو ته هنن کي اسپتال نه پهچايو وڃي. هوڏانهن پوليس وڏيري جي مبينا ونگارو بڻجي زخمي نوجوان شفيع محمد مهر جي ڀاءُ سخيرو مهر مٿان آڪڙا پرچي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.