ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جو 10 هون ڪانووڪيشن ، مادرعلمي جي 10 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو  انجنيئرنگ (بي اي) ۽ سائنس (بي ايس) جي بيچ 19 ۽ آرڪيٽيڪٽ ڊپارٽمينٽ جي بيچ 18 جي ​​464 شاگردن گريجوئيشن مڪمل ڪري ڊگريون حاصل ڪيون، جڏهن ته امتيازي نمبر حاصل ڪندڙ شاگردن کي گولڊ ۽ سلور ميڊل ڏنا ويا، ڪانووڪيشن ۾ خاص مهمان طور شريڪ پ پ سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو ته اعليٰ تعليم پاڪستان جو مستقبل آهي،  دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي نالو ڪمايو آهي، دائود انجنيئرنگ ورسٽي 10 سالن دوران  ريسرچ ورڪ تي ڌيان ڏنو آهي، جنهن سبب   شاگردن جي داخلا ۾ واڌ ٿي آهي، اعزازي مهمان طور خطاب ڪندي پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو ته ڊاڪٽر فيض الله عباسي 10 سالن جي عرصي ۾ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو آهي، ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فيض الله عباسي چيو ته 2013ع کان اڳ هتي باقاعده ڪلاس منعقد ڪرڻ مشڪل هو، هاڻ شاگردياڻين جو وڏو تعداد هتان انجنيئر بڻجي رهيو آهي. دائود يونيورسٽي جي شاندار ماحول ۽ نظر ايندڙ قدمن ۽ اڻٿڪ ڪوششن  پويان مادرعلمي جي قابل فيڪلٽي ۽ ملازم آهن، دائود يونيورسٽي جي مالي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾ سينيٽر نثار احمد کهڙو ۽ تاج حيدر وڏو ڪردار ادا ڪيو، دائود يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف اليڪٽرڪ انجنيئرنگ جي شاگرد ايان عابد يونيورسٽي ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، جڏهن ته بينش بابر فيڪلٽي آف آرڪيٽيڪٽس ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ڪانووڪيشن ۾ 5 گولڊ ميڊلز ڏنا ويا.