خليفو قاسم (ن پ ا) خليفو قاسم لڳ اوطاق اڳيان بيٺل نوجوان نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿي  پيو. ان ڏس ۾ خليفو قاسم لڳ ڳوٺ ظفر علي شاهه ۾ اوطاق اڳيان بيٺل نوجوان سجاد علي شاهه ولد مالڪ ڏنو شاهه نامعلوم هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو پهچايو ويو، جتان کيس انڊس اسپتال بدين ريفر ڪيو ويو آهي. واقعي جو اطلاع پنگريو ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي. رابطو ڪرڻ تي زخمي نوجوان جي ڀاءُ ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، پوليس جانچ ڪري ته واقعي ۾ ڪير ملوث آهي.