خيرپور (رپورٽر) ڳوٺ مانگ ٽڳڙ جي رھواسين خادم حسين ٽڳڙ، عرض محمد ٽڳڙ، اربيلو، مسمات حاجاڻي، مسمات واحدہ صفوران، دادلي ٽڳڙ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته بدرالدين، منصور، محرم، عبدالجبار، محمد عيسيٰ، گل محمد ٽڳڙ ۽ ٻين اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا، ٿاڻي تي وياسين پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو.