خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض تي ضابطو اچي نه سگهيو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران گيسٽرو ۾ مبتلا  وڌيڪ 17 وڌيڪ ٻارڙن کي سٽي اسپتال داخل ڪرايو ويو. خبر موجب خيرپور ۾ گيسٽرو جي مرض تي ضابطو اچي نه سگهيو. گذريل 24 ڪلاڪن اندر خيرپور ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن سان تعلق رکندڙ گيسٽرو ۾ مبتلا وڌيڪ 17 ٻارن کي سٽي اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪرايو ويو، جن ۾ هالار، عيان، محمد اسماعيل، مومن، حسن علي، نور بانو، هوت خان، زائرا بتول، غلام فاطمه، شمائلا، زينب، زويه بتول، ايان ۽ ٻيا شامل آهن. هوڏانهن وڏي تعداد ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا ٻارڙا اسپتال داخل ٿيڻ سبب بيڊن جي کوٽ وارو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ بيڊ تي ٻن کان ٽي ٻارڙا داخل ڪري سندن علاج ڪيو پيو وڃي.