خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ عزاداري ۽ مجلسون جاري، ياحسين عه جي صدائن سان شهيدن  کي لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شهر جي مک امام بارگاهن ۾ عزاداري ۽ مجلسن جو سلسلو جاري آهي. گذريل ڏينهن امام بارگاهه قصر حسيني ۽ مرڪزي امام بارگاهه لقمان ۾ ناليواري ذاڪر مولانا باقر حسين زيدي خطاب ڪندي چيو ته حضرت امام حسين ڪربلا ۾ صبر جو اعليٰ مثال قائم ڪيو، ڪربلا وارن ٻڌايو ته ذلت جي زندگيءَ کان عزت جي شهادت بهتر آهي. مرڪزي امام بارگاهه انجمن حيدري ۾ خطاب ڪندي مولانا علي رضا جعفري، مولانا منظور حسين سولنگي ۽ امام بارگاهه فيض حسيني ۽ امام بارگاهه محبان حيدري ۾ مولانا منظور حسين سولنگي ۽ مولانا عرفان علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته حضرت امام حسين ۽ ڪربلا جي ٻين شهيدن صبر جو مظاهرو ڪندي حق ۽ باطل وچ ۾ واضح فرق ڪري ڏيکاريو ۽ دنيا وارن کي پيغام ڏنو ته حق جو ڳاٽ هميشه اوچو هوندو. امام بارگاهه قصر زينب ثانيءِ زهريٰ ۾ مولانا فيض عباسي خطاب ڪندي چيو ته ڪربلا اسلام جي بقا جو سهارو آهي، ڪربلا ۾ حضرت امام حسين پاران ڏنل قرباني قيامت تائين سمورن انسانن لاءِ مشعل راهه آهي. هوڏانهن 4 محرم الحرام جو تاريخي ماتمي جلوس پريالوءِ شهر مان تنوير حيدر شاهه جي اڳواڻي ۾ برآمد ٿيندو. ماتمي جلوس کان اڳ مرڪزي مجلس عزا منعقد ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ منتظمين ٻڌايو ته 20 کان وڌيڪ ماتمي انجمنون شرڪت ڪنديون.