خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ليبر ڪالونيءَ مان ڪار سوار هٿياربند نوجوان انيت ڪمار اوڏ کي اغوا ڪري ويا. ان سلسلي ۾ نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته گذريل رات دير سان اسان جي نوجوان کي اڻڄاتل هٿياربند زبردستي ڪار ۾ کڻي ويا. وارثن موجب نوجوان سان فون تي رابطو ٿيو، جنهن ٻڌايو ته کيس هڪ اڻڄاتل جڳهه جي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو آهي. نوجوان جي وارثن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مغوي نوجوان کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.