خيرپور (رپورٽر) لقمان جي نافرمان پٽن پيرسن والد کي تشدد جو نشانو بڻائي گهران ڪڍي ڇڏيو، عدالت معاملي جو نوٽيس وٺندي نافرمان پٽن کي طلب ڪري ورتو، نوٽيس جاري، ان ڏس ۾ خيرپور جي علائقي نارائي ڊکڻ پاڙي جي رهواسي پيرسن بخش علي ولد الهوڌايو سومرو مٿان سندس پٽن مختيار علي، محمد علي، نواز علي ۽ نادر علي سومرو مبينا تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏڻ واري معاملي جو خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت نوٽيس وٺندي واقعي ۾ ملوث 4 ڄڻن خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ٻاهران پيرسن بخش علي سومرو ڳالهائيندي ڄاڻايو ته نافرمان پٽن مختيار علي، محمد علي، نواز علي ۽ نادر علي سومرو کي پيرن کان پني الله جي درٻار مان ورتو ۽ هاڻ جوان ٿي اُهي ملڪيت جي لالچ ۾ اچي انهن مون مٿان سخت تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي. هن چيو ته عدالت مان انصاف ۽ نافرمان پٽن خلاف ڪارروائي جي توقع آهي.