خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ غفار شاهه جي رهواسي پيرسن مخالفن جي زيادتين خلاف سماجي اڳواڻ جي آفيس پهچي ويو. پيرسن نواب جاگيراڻي  دانهيندي ٻڌايو ته سڱاوتي تڪرار تان مخالف پنهل، شمن ۽ احسان جاگيراڻي مسلسل زيادتيون ڪري رهيا آهن. گذريل ڏينهن ڳالهين لاءِ گهرائي مون کي ڀاڄيءَ ۾ زهر ملائي ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ منهنجي طبيعت خراب ٿي وئي. ڊاڪٽرن وقت سر علاج ڪري زندگي بچائي ورتي. هن ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته مخالفن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي