خيرپور (رپورٽر) مڪاني چونڊن ۾ خيرپور پوليس ضلعي ۾ قائم ڪيل پولنگ اسٽيشنن بابت سيڪيورٽي پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب خيرپور ضلعي جي 897 پولنگ  اسٽيشنن مان 212 انتهائي حساس ۽ 419 حساس قرار ڏنيون ويون آهن جڏهن ته خيرپور ضلعي جي 8 ئي تعلقن مان گمبٽ ۽ ڪوٽڏيجي تعلقي جي پولنگ اسٽيشنن کي وڌيڪ حساس قرار ڏنو ويو آهي. ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ موجب انتهائي حساس ۽ حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنن تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويندا، ضلعي جي پولنگ اسٽيشنن جي سيڪيورٽي لاءِ 6 ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز، سب انسپيڪٽرز، اي ايس آءِ سميت 4500 اهلڪار مقرر ڪيا ويندا جڏهن ته پولنگ اسٽيشنن تي 650 رينجرز جا جوان مقرر ڪيا ويندا ۽ پاڪ فوج جون 6 سئو جوانن تي مشتمل 6 ڪمپنيون اسٽينڊ باءِ رهنديون. ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ موجب ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع منصوبابندي ڪئي وئي آهي،  پولنگ اسٽيشنن تي امن امان جي صورتحال قائم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.