خيرپور (رپورٽر) خيرپور واسي طرفان وياجين ۽ قرضين کان تنگ ٿي روهڙي ڪينال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات جي  ڪوشش، موقعي تي موجود ڳوٺاڻن سندس حياتي بچائي ورتي. ان ڏس ۾  مير علي بازار پاڙي جي رهواسي ميڊيڪل اسٽور جي مالڪ خليل الرحمان شيخ وياجين ۽ قرضين کان تنگ ٿي روهڙي ڪينال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي. واقعي بعد موقعي تي موجود ڳوٺاڻن فوري طور واهه ۾ ٽپو ڏئي خليل الرحمان شيخ کي واهه مان ٻاهر ڪڍي سندس حياتي بچائي ورتي. ٻڌايو پيو وڃي ته خليل الرحمان شيخ طرفان وياج تي پئسا ورتا ويا هئا ۽ قرض کنيا ويا هئا، جيڪي پئسا گهرڻ تان هن تنگ ٿي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڳوٺاڻن کيس بچائي ورتو.