خيرپور (رپورٽر) 3 ڏينهن اڳ ڪنب ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير بخش ميرجت ۾ ڳچيءَ ۾ رسو وجهي بيدرديءَ سان قتل ڪيل 12 ورهين جي  يتيم نينگر غلام حسين ميرجت جي ناني غلام مرتضيٰ ميرجت ۽ ناني مسمات غلام بتول پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان مقتول غلام حسين ميرجت جو قتل ڪيس ڪنب ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ چاهيو پر پوليس مقتول جي سئوٽ کان ڳري رشوت وٺي سندس مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو، جنهن ۾ نامزد ڪيل جوابدار نبي بخش، شير علي ۽ يار محمد ميرجت بي گناهه آهن. هنن ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار نبي بخش ميرجت ٻه سال اڳ پنهنجي قتل ٿي ويل ڀاءُ نظر محمد ميرجت جو قتل ڪيس ظفر ميرجت جي ڀاءُ اعظم ميرجت ۽ ٻين خلاف داخل ڪرايو هو، اهڙو ڪيس واپس وٺڻ لاءِ ۽ مقتول نوجوان غلام حسين ميرجت جي 5 جريب زرعي زمين ڦٻائڻ لاءِ ظفر ميرجت ڪنب پوليس معرفت ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي. هنن چيو ته قانون تحت ڪيس داخل ڪرائڻ اسان جو حق آهي، جيڪو اسان کان ڦريو ويو آهي، هڪ سازش تحت اسان جي نينگر  کي بااثر جوابدارن قتل ڪيو آهي تنهن ڪري اسان جي مدعيت ۾ نئين سر ڪيس داخل ڪري اصل جوابدارن کي بي نقاب ڪيو وڃي.