خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ نينگر سان مبينا بدفعلي جي ڪوشش، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري اين سي داخل ڪري ورتي. خبر موجب خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اسٽاف ڪوارٽرز واري علائقي ۾ چئن جوابدارن 10 سالن جي نينگر محمد حسين لاشاريءَ سان زبردستي بدفعلي جي ڪوشش ڪئي. ان دوران نينگر جي رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو. نينگر جي والد عبدالڪريم لاشاري جو چوڻ آهي ته منهنجو پٽ محمد حسين لاشاري شوگر جو مريض آهي جوابدار نينگر کي ڪمپيوٽر تي گيم کيڏائڻ جي بهاني سان گرلس پرائمري اسڪول اسٽاف ڪوارٽر وٺي ويا، جتي ساڻس بدفعلي جي ڪوشش ڪئي وئي، وحشي صفت جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي. هوڏانهن پوليس متاثر نينگر جي وارثن جي فرياد تي پوليس گرفتار جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪري ورتي.