خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ۾ زهر پياري قتل ڪيل نوجوان جي قتل جو نبيرو، الزام هيٺ آيل ڌر تي ڏوهه ثابت، 20 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ. خبر موجب خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڏٻر پاڙي ۾ ڪارو پٿر پياري ماريل نوجوان طاهر شريف موريجو جي قتل جو نبيرو فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ حاجي امام بخش ڦلپوٽو جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ خاصخيلي ۽ موريجا ڌرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. ڌرين جي بيانن ٻڌڻ بعد خاصخيلي ڌر جي شمن خاصخيليءَ تي نوجوان طاهر شريف موريجو جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مٿس 20 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ڏنڊ جي رقم 5 قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ جوابدار ڌر مقتول جي ڌر وٽ ميڙ منٿ کڻي معافي وٺندي. هوڏانهن ڌرين ۾ نبيري بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ الزام هيٺ آيل ڌر جي جوابدار دوستي نه رکڻ تان نوجوان کي زبردستي ڪارو پٿر پياريو هو، جنهن ۾ هو فوت ٿي ويو هو. واقعي جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي ٽن جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويو هو.