خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ اميربخش ڪانڌڙو جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن پاڪ ڪتاب کڻي مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان راحب ڪانڌڙو جي بازيابيءَ لاءِ پريس ڪلب خيرپور پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو. وارثن منٺار ڪانڌڙو، حميد، مجاھد ڪانڌڙو، مسمات ليليٰ، امام ڏني ۽ ٻين دانهيندي صحافين کي ٻڌايو ته ڳوٺ اميربخش ڪانڌڙو ڀرسان ڪار سوار هٿياربند نوجوان راحب علي کي گذريل ڏينهن اغوا ڪري کڻي ويا هئا. ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود نوجوان جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي. خدشو آهي ته هٿياربند اسان جي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيندا. مظاهرين ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته راحب ڪانڌڙو کي اغوا ڪندڙ جوابدارن گرفتار ڪري نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.