خيرپور (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور پاران مزاحمتي شاعر قاسم ملڪ سان مقامي هوٽل ۾ ادبي رهاڻ رچائي وئي. تقريب جي صدارت ناليواري شاعر ۽ اديب تاج سروهي ڪئي، تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي تاج سروهي چيو ته قاسم ملڪ مزاحمتي شاعريءَ ذريعي پاڻ مڃرايو آهي جنهن ڪري مڃتا طور تي هيءَ تقريب منعقد ڪئي وئي آهي، تقريب کي انور پرديسي، نامي ارشاد رسول، برڪت بلوچ، ڊاڪٽر امان الله ڦل، ظهير احمد لاڙڪ، حزب الله آءِ سومرو، گل بهار ڪٽوهر، عبد نوناري، سومرو ياسين، بشارت سهرياڻي، فقير ڦليو، فاضل ملڪ، عابد سومرو، لطيف چانديو، هوشو ڪٽوهر، احمد علي، افضل نبي شر، گداحسين، زاهد عباسي، عبدالشڪور ميتلو، صابر مهيسر، عاجز غلام رسول ابڙو ۽ ٻين قاسم ملڪ جي فن فڪر ۽ شخصيت تي پنهنجا ويچار ونڊيا.