خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ مجلسن ۽ عزاداري جو سلسلو جاري، هر طرف يا حسين جون صدائون، جمعي ڏينهن (اڄ) علي رضا شاهه ٿلهي تي تاريخي کهنبي جو ماتم ٿيندو، 100 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ماتمي جلوس برآمد ٿيندا. خبر موجب خيرپور ۾ مجلسن ۽ عزاداري جو سلسلو جاري آهي. ان ڏس ۾ مرڪزي امام بارگاهه انجمن حيدري ۾ چوٿين محرم جي مجلس کي خطاب ڪندي مولانا علي رضا جعفري، مولانا منظور حسين سولنگي ۽ مولانا عرفان علي شاهه چيو ته حضرت امام حسين ڪربلا جي ميدان ۾ جان جي قرباني ڏئي اسلام کي حيات بخشي. ان کان علاوه شهر جي مختلف امام بارگاهن ۾ مجلسن کي خطاب ڪندي مولانا باقر حسين زيدي، مولانا غلام باقر ڏهراج، عمران عباس زيدي، مولانا يوسف ڪاظمي، ذوالفقار حسين لاڙڪ ۽ ٻين ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. ٻئي پاسي جمعي ڏينهن (اڄ) 6 محرم الحرام تي معصوم قاسم جي شهادت جي سلسلي ۾ قديمي “کهنبي جو ماتم” ٿيندو. خيرپور ۾ مرڪزي امام بارگاهه انجمن حيدري، ڪوٽڏيجي ۾ خيرپور رياست جي اڳوڻي والي هزهائنس مير علي مراد خان ٽالپر جي مرڪزي امام بارگاهه، امام بارگاهه جانوري ڳوٺ، جادو شاهه، بالي واري بنگلي ۽ ٻين امام بارگاهن 100 کان وڌيڪ ننڍا وڏا ماتمي جلوس ۽ پڙ مقرر ڪيل روٽن تان ٿيندا امام بارگاهه علي رضا شاهه ٿلهي تي گڏ ٿيندا، جتي هزارين عزادار تلوارن، گرزن ۽ زنجيرن جو ماتم ڪرڻ سان گڏ نوحه خواني ۽ سينا زني ڪندا.