پيرجوڳوٺ (ن پ ا) خيرپور جي عدالت پيرڳوٺ ۾ پٽن جي مبينا تشدد ۾ پيرسن والد جي فوتگيءَ واري معاملي جو نوٽيس ورتو، نوٽيس جاري، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم. تفصيل مطابق پيرڳوٺ جي ڇتي پور محلي جي رهواسي جوابدارن جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل محمد آچر شيخ جي بيوهه مسمات گلزار شيخ پاران داخل درخواست تي سيشن جج خيرپور نوٽيس جاري ڪندي واقعي ۾ملوث ڄاڻايل غلام سرور ۽ سليم شيخ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.