خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي، ٻن جوابدارن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا، پوليس پهري ۾ سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو. خبر موجب خيرپور جي ڪرمنل ماڊل ٽرائل ڪورٽ وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ مانگ ٽڳڙ ۾ زميني تڪرار تان 27 جنوري 2021ع تي فائرنگ ڪري قتل ڪيل ظهور احمد ٽڳڙ جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري. ان دوران ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل وقار ٽڳڙ مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس عمر قيد ۽ جوابدار شاهنواز ٽڳڙ کي 2 سال قيد ۽ ٻنهي جوابدارن کي هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو. ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار 6، 6 مهينا وڌيڪ قيد ڪاٽيندا.