خيرپور (رپورٽر) عدالتي حڪم تحت برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيل ماڊل ٽينٽ سٽي ۾ متاثرن کي صحت، کاڌ خوراڪ، پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ٻين سهولتن جي جائزي لاءِ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ضمير جاگيراڻي ۽ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ظفر عباس عباسي، اي سي صفدر ميراڻي سان گڏجي ٽينٽ سٽيءَ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اي سي صفدر ميراڻي ٻڌايو ته سمورن متاثر ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اپائن تي سئو سيڪڙو عمل ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي ميڊيڪل ڪئمپ جو پڻ دورو ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽر علي شير ميتلو کان متاثرن کي طبي سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي.