خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڳاڙهي پل پاڙي جي رهواسڻ نظيران سمنگ پنهنجي پٽن روشن علي ۽ اويس سمنگ سان گڏ پنهنجي اخبار آفيس پهچي پيپلزپارٽي ضلع خيرپور جي جنرل سيڪريٽري علي شير مڪول، وڪيل ربنواز مڪول، گلزار سمنگ ۽ علي نواز سمنگ خلاف احتجاج ڪندي الزام مڙهيو ته وڪيل ربنواز مڪول، گلزار سمنگ ۽ علي نواز سمنگ هڪ جريب زمين جو معاملو حل ڪرائڻ ۽ زمين اسان کي ڏيارڻ جو آسرو ڏئي اسان کان اسٽامپ پيپر تي لکرائي ورتو ته زمين ملڻ بعد اسان کين زمين جا ٽي ويسا ڏينداسين پر اُها زمين اسان کي نه ملي سگهي پر ان جي باوجود ڄاڻايل بااثر اسان کان ٽي ويسا زمين جي گُهر ڪري رهيا آهن هنن چيو ته ڄاڻايل جوابدارن ڳوٺ ننڍا سمنگ ۾ اسان جي 8 ويسا زرعي زمين تي پڻ قبضو ڪري جايون ٺهرائي ڇڏيون آهن. هنن الزام مڙهيو ته پ پ جو ضلعي جنرل سيڪريٽري علي شير مڪول ۽ انجمن تاجران خيرپور جو صدر لالا عبدالغفار شيخ ڄاڻايل جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن ۽ انهن جي چوڻ تي پوليس اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪري رهي آهي.