خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ضلعي ڪائونسل جي چونڊ لاءِ 17 اميدوارن ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي چونڊ لاءِ ٽن اميدوارن پنهنجا نامزدگي فارم ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر / ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس مان وصول ڪري ورتا. فارم جمع ڪرائڻ لاءِ 10 جون آخري تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جي ترجمان ڄاڻايو آهي ته نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ اميدوار پنهنجي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جا پڻ پابند هوندا، ٻِي صورت ۾ سندن فارم رد ڪيا ويندا.