خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سينئر صحافي جميل احمد بلوچ جو نوجوان پٽ ذاڪر حسين بلوچ ڳچ عرصو بيمار رهڻ بعد گمس اسپتال گمبٽ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز سرڪي موڙ لقمان شهر ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس لاش اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي جنازي نماز ۾ صحافين، اديبن، شاعرن، واپارين، وڪيلن، سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن، برادري جي ماڻهن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.