خيرپور (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت شاخ پريالوءِ پاران ٻاراڻي ادب جي ناليواري شاعر ۽ نعت جي حوالي سان صدارتي ايوارڊ ماڻيندڙ شاعر غلام محمد غازي سان سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي رهاڻ رچائي وئي، رهاڻ تقريب کي خطاب ڪندي س اس جي مرڪزي آڊيٽر سجاد ميراڻيءَ چيو ته غلام محمد غازي پنهنجي طبيعت ۾ هڪ ماٺيڻو ۽ سادگي پسند شاعر آھي، جڏهن ته رهاڻ کي شاعر گوهر سنڌي، سهيل ڀيو، سميع سجاد، حاڪم گل، سعيد سنڌي، ڪندن لال، سيد مزمل ۽ ٻين غلام محمد غازيءَ جي شخصيت، فن ۽ فڪر تي ڳالهائڻ سان گڏ پنهنجي شاعري پڻ پيش ڪئي.