خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڪروڙين رپين جي سرڪاري پراپرٽي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ نيب سکر تعلقي مختيارڪار خيرپور ڏانهن هڪ ليٽر نمبر 720288 جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته شهرين نيب سکر کي درخواستون اماڻيون آهن ته اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر مرزا وليد بيگ ۽ بلڊر عرض محمد جانوري ملي ڀڳت ڪري خيرپور جي ديهه نظاماڻي ۾ سروي نمبر 572، 575، 576 ۽ 921، ديهه لقمان ۾ سروي نمبر 94، 95، 96، 106 کان 135، 137 کان 140 ۽ 154 جڏهن ته ديهه بگرو ۾ 323، 324، 327، 1088/1-2، 1470، 1471، 1726 ۽ 1914 واري زمين سرڪاري زمين آهي، جيڪي زمينون اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر مرزا وليد بيگ ۽ بلڊر عرض محمد جانوري ملي ڀڳت ڪري وڪرو ڪري ڇڏيون آهن، تنهن ڪري انهن سمورين سروي نمبرن وارين زمينن جا تفصيل ڏنا وڃن، هوڏانهن نيب سکر پاران الزام هيٺ آيل اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر مرزا وليد بيگ ۽ بلڊر عرض محمد جانوري کي رڪارڊ سميت 12 اپريل تي نيب آفيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.