خيرپور ۾ روڊس کاتي ۽ انجنيئرز جي آفيسز تي اينٽي ڪرپشن جا ڇاپا

0
350
اينٽي ڪرپشن جا ڇاپا
خيرپور ۾ روڊس کاتي ۽ انجنيئرز جي آفيسز تي اينٽي ڪرپشن جا ڇاپا

خيرپور ۾ روڊس کاتي ۽ ٽيوب ويل ڊرينيج جي انجنيئرز جي آفيسز تي ائنٽي ڪرپشن ٽيم ڇاپا هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڇاپن دوران ڪلارڪ ۽ ٻيا ملازم آفيس ڇڏي فرار ٿي ويا

اينٽي ڪرپشن ٽيم روڊز کاتي جي سال 2020ع  ۽ 21 جي اسڪيمز جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ٽيوب ويلز ڊرينيج جي 4 سالن جي اسڪيمز جو رڪارڊ به تحويل ۾ ورتو ويو

 ائنٽي ڪرپشن کاتي جي ذريع جو چوڻ آهي ته ڊرينيج ۽ روڊز کاتي جي اسڪيمز ۾ مبينا گهوٻين جون شڪايتون ملڻ تي ڪارروائي ڇاپا هنيا ويا، رڪارڊ جو جائزو وٺڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي