خيرپور (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي گمبٽ تي وارڊ نمبر 11 ۽ 13 تي جي ڊي اي طرفان چيئرمين جي اميدوار خالد شيخ خيرپور ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مخالفن 26 جون تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ جي ڊي اي جي ووٽرن کي حراسان ڪرڻ ۽ دهشت ڦهلائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي مخالف جي ڊي اي جي ووٽرن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اُهي اليڪشن واري ڏينهن پنهنجي گهرن کان ٻاهر نه نڪرن، غير ووٽر ماڻهن کي اليڪشن واري ڏينهن گمبٽ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي. هن چيو ته ڪچي جي ڪجهه وڏيرن ۽ بااثرن جي گمبٽ ۾ مداخلت وڌي وئي آهي انهن جا ميونسپل ڪميٽي گمبٽ جي حدن ۾ ووٽ به داخل نه آهن ان جي باوجود جي ڊي اي جي ووٽرن کي حراسان رڪي رهيا آهن ۽ کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته اهي اليڪشن واري ڏينهن پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڏيڻ لاءِ نه وڃن منع ڪرڻ باوجود جيڪي ماڻهو پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڏيڻ ويندا اهي پنهنجي نقصان جا پاڻ ذميوار هوندا.