خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ڳوٺ پير مڱيو جي ناري ساجده ڌيءَ محمد هاشم ڪلهوڙو کيدو ڳوٺ جي نوجوان احسان پٽ غلام شبير ڦلپوٽو سان خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو. ناري ساجده پنهنجي مڙس احسان ڦلپوٽو سان گڏ صحافين کي ٻڌايو ته مائٽ لالچي قسم شخص سان شادي ڪرائي رهيا هئا، جيڪا ڳالهه پسند نه هئي، شريعت محمديءَ موجب احسان ڦلپوٽي سان شادي ڪئي آهي، منهنجا مائٽ مڙس جا دشمن بڻجي ويا آهن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي.