خيرپور(رپورٽر) خيرپور جي ڀرڳڙي پاڙي جي گهٽين مان هڪ هفتو گذري وڃڻ جي باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ان ڏس ۾  رهواسين جو چوڻ آهي ته پاڙي جي گهٽين ۾ برساتي پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيـٺل آهي، عورتن، بزرگن ۽  ٻارڙن کي انهن گهٽين مان گذرڻ دوران ڏکيائيون پيش اچن ٿيون، گرلز هاءِ اسڪول ڀرڳڙي ٻاهران گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي. هنن چيو ته ميونسپل انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.