خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾“گو افغاني گو” جي نعري هيٺ ڌاري آبادڪاري خلاف جسقم پاران احتجااجي ريلي ڪڍي وئي، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، تاج جويو، شبير جمالي، امداد منگي ۽ اڪبر مڪول جي اڳواڻيءَ ۾ نم موڙ کان فاروق اعظم چوڪ تائين ڪڍيل ريلي ۾ سوين ڪارڪن شريڪ هئا. اڳواڻن ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ افغانين سميت غير ملڪي ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جيڪا سازش ڪنهن به صورت ۾  ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي. هنن جو چوڻ هو ته افغاني، برمي، بهاري ۽ ٻيا غير ملڪي ڪراچي سميت سموري سنڌ جي ڪاروبار تي قابض ٿي ويا آهن. افغاني منشيات جي غيرقانوني ڪاروبار ۽ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ به ملوث آهن. هنن مطالبو ڪيو ته غيرقانوني افغانين، بهارين، برمين ۽ ٻين غير ملڪين کي واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي ٻِي صورت ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.