خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾جند وڏو قبرستان ڀرسان بااثرن جي گهر تي مبينا چڙهائي، عورتن مٿان تشدد، متاثر عورتن جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج، بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو. خبر موجب خيرپور ڀرسان جند وڏو قبرستان جي رهواسي  عورتن مسمات سڀائي، ليليٰ ۽ ٻين معصوم ٻارڙن کي ساڻ ڪري پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته علائقي جي بااثرن گهر تي چڙهائي ڪري اسان تي تشدد ڪيو آهي. هنن جو چوڻ هو ته بااثر اسان جي 1600 فوٽ پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. اهڙي عمل خلاف آواز اٿارڻ تان جوابدارن ڏمرجي گهر تي چڙهائي ڪري اسان مٿان سخت تشدد ڪيو. واقعي جي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس بااثرن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪري. هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.