خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ بي سيڪشن پوليس پاران نوجوان شمشاد عرف شمن ڦلپوٽو کي مبينا طور کنڀڻ بعد مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف وارث عورتن ۽ ٻارن ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان جي شمن جي ڀاءُ گلڻ ڦلپوٽو صحافين کي ٻڌايو ته منھنجي ڀاءُ کي بي سيڪشن پوليس بيگناهه کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي آزاديءَ لاءِ پوليس ٻه لک رپيا رشوت گهري. رشوت نه ڏيڻ تي پوليس منهنجي ڀاءُ مٿان 9C ايڪٽ تحت چار ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته منھنجو ڀاءُ بيگناهه آهي، مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندا آھيون، پوليس اسان جي مخالفن کان رشوت وٺي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏي آهي. هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان مٿان داخل ڪرايل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي.