خيرپور (رپورٽر) ڳاڙهي پل ڀرسان اغوا ٿيل چار سالن جي نينگري سونهن کي پوليس بازياب ڪرائڻ بدران ڊراما ڪرڻ لڳي. ان سلسلي ۾ نينگري سونهن کي اغوا ڪندڙ جوابدار جي ڀيڻ بلقيس دانهيندي ٻڌايو ته منهنجو ڀاءُ چار سالن جي ننڍڙي معصوم نياڻي کي اغوا ڪرڻ سان گڏ مونکي به مارائڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، سندس ڏوهاري ماڻهن سان واسطو هئڻ ڪري مونکي ۽ منهجي مڙس جي ڀيڻ مسمات راڻي جي چار سالن جي نينگري سونهن کي اغوا ڪري ان جي آڙ ۾ مون کي طلاق وٺرائي ٻي جڳهه تي پئسن عيوض شادي ڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته منهنجي ڀاءُ ان کان اڳ به مون کي طلاق وٺرائي هئي. هن چيو ته پوليس سونهن کي اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ بدران انهن جي سهولتڪار بڻيل آهي. هنن چيو ته جاني مالي تحفظ ۽ اغوا ٿيل چار سالن جي معصوم نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.