خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ نوجوان ناريءَ جي پراسرار موت وارو واقعو، پوليس شڪ جي بنياد تي ناريءَ جي ڀاءُ ۽ ويجهي عزيز کي گرفتار ڪري ورتو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ سلطان نوناري ۾ 16 سالن جي فاطمه زهره گولي لڳڻ سبب پراسرار نموني مارجي وئي هئي. وارث پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بغير سندس لاش واپس کڻائي ويا هئا. واقعي جي ٻئي ڏينهن پوليس ناريءَ کي قتل ڪرڻ جي شڪ ۾ سندس ڀاءُ نويد نوناري ۽ ويجهي عزيز لياقت نوناريءَ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. علائقي ۾ افواهه آهن ته ناريءَ کي سندس ڀاءُ نويد نوناري نامعلوم شخص سان موبائيل فون تي ڳالهائڻ تان فائر ڪري قتل ڪيو آهي. پوليس موجب اطلاع مليا آهن ته ناري جو رشتو لياقت نوناري سان ٿيل هو پر ناري ساڻس شادي ڪرڻ نه پئي چاهي، زور ڀرڻ تان هن آپگهات ڪيو آهي.