خيرپور (رپورٽر) خيرپور ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي لاپرواهي سبب شهرين جون جانيون غيرمحفوظ بڻجي ويون. شهر جي سٽيزن ڪالوني ڳاڙهي پل کان مهراڻ يونيورسٽي ويندڙ روڊ تي گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان گٽرن جو گندو پاڻي جمع ٿي ويو. ڄاڻايل روڊ تان هڪ شخص جي گهر واري ۽ معصوم نينگر سان موٽر سائيڪل تي سوار ٿي کليل گٽر ۾ ڪري پوڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. شھرين ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته ڄاڻايل روڊ سان ڪيترائي نجي ۽ سرڪاري اسڪول آهن، مهراڻ يونيورسٽي ۽ سول اسپتال ڏانهن به ساڳئي روڊ تان اچ وڃ رهندي آهي پر گٽرن جو گندو پاڻي بيهجي وڃڻ سبب ڪيترائي حادثا پيش اچي چڪا آهن. شهرين ۽ معصوم ٻارن جون حياتيون داءَ تي لڳل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته گٽرن جو گندو پاڻي فوري طور نيڪال ڪرائي روڊ جي مرمت ڪرائي انساني جانيون بچايون وڃن.