خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ گذريل ڏينهن وڏا ماڇيون ٿاڻي جي حد ڳوٺ غفار شاهه ۾ جاگيراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿي ويل ڌڻي بخش جاگيراڻيءَ واري معاملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن پاران شاھ حسين باءِ پاس تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج سبب سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي مظاهرين گلشير جاگيراڻي، عبدالخالق، غلام قادر جاگيراڻي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته واقعي کي 24 ڪلاڪ گذري وڃڻ جي باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن الزام مڙهيو ته پوليس جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي نوجوان جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته مقتول ڌڻي بخش جاگيراڻيءَ جي قتل جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.