خيرپور (رپورٽر) خيرپور سي سيڪشن ٿاڻي جي حد مگسي ڳوٺ ڀرسان نيشنل هاءِ وي تان اڻ ڄاتل هٿياربند هٿيارن جي زور تي ڳاڙهي پل جي رهواسي حاجن شيخ کان 125 موٽر سائيڪل، 2 موبائل فون ۽ هزارين رپيا روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان حوالي سان متاثر شخص حاجن شيخ سي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي واقعي بابت جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي. پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪا اڳڀرائي نه ڪئي آهي. هن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ڪيل موٽر سائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم واپس ڏياري وڃي.