خيرپور (رپورٽر) خيرپور ڀرسان ڳوٺ مٺڙيءَ جي رهواسڻ شادي شده ناري پراسرار نموني لاپتا، عورت جي والده انصاف لاءِ سماجي اڳواڻ جي آفيس پهچي وئي. ان موقعي تي مسمات امير جمالي صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته 6 مهينا اڳ ڌيءَ عريبه جي شادي غلام حسين رڏ سان ڪرائي هئي. نياڻي 12 ڏينهن کان پراسرار نموني لاپتا آهي، ڌيءَ جو مڙس چوي ٿو ته اهي ڳولا ڪري رهيا آهن. پريشان آهيان ته ڌيءَ جيئري به آهي يا کيس قتل ڪيو ويو آهي. هن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺـي ڌيءَ جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.